ڪوهاٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، اسان جا جوان ملڪ جي امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-25 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪوهاٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اسان جا جوان دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهي رهيا آهن ۽ ملڪ جي امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ …

ڪراچي-25 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪوهاٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اسان جا جوان دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهي رهيا آهن ۽ ملڪ جي امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم ۽ عوام دوست فيصلا ڪيا ويا، سنڌ اليڪٽرڪ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن صوبو توانائي جي شعبي ۾ خودمختيار ٿي سگهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجن پيرن تي بيهڻ چاهي ٿي ۽ صوبي کي معاشي طور مستحڪم بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. زرعي شعبي سان لاڳاپيل عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سڄي سنڌ جي هاري عورتن جو باقاعده ڊيٽا گڏ ڪيو پيو وڃي ته جيئن کين اثرائتي نموني سهولتون ڏئي سگهجن، هاري عورتن لاءِ نوان منصوبا متعارف ڪرائڻ حڪومت جو مقصد آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪاروباري طبقي لاءِ پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ته جيئن واپاري سرگرمين کي هٿي ملي سگهي. واپارين کي 10 ڏينهن اندر آن لائن تمام سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪاروباري عمل ۾ آساني پيدا ٿئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿرپارڪر تائين ريلوي لائين وڇائي پئي وڃي ته جيئن سفري ۽ واپاري رابطن کي بهتر بڻائي سگهجي. سنڌ حڪومت ٿر ڪول منصوبي ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي ته جيئن توانائي جي شعبي کي مضبوط بڻائي سگهجي. هن چيو ته ڪجهه عنصر ڪراچي کي ڄاڻي واڻي بنا ڪنهن سبب جي مسلسل تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن، تنقيد ڪرڻ آسان آهي پر زميني حقيقتون ان کان مختلف آهن. ڪراچي جا پنهنجا مسئلا آهن پر هي شهر ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ڪراچي روزانو سڄي ملڪ مان ايندڙن جو بار کڻي رهيو آهي، ڪراچي ۾ روزانو هزارين ماڻهو سڄي ملڪ مان داخل ٿين ٿا ۽ روزگار جا موقعا ڳولين ٿا، صحت جي بهتر سهولتن لاءِ به سڄي ملڪ مان ماڻهو ڪراچي جو رُخ ڪن ٿا. ميڊيا هائوسز جون هيڊ آفيسون هتي هجڻ ڪري شهر وڌيڪ بحث هيٺ رهي ٿو. وڏن چيلينجز ۽ دٻاءُ باوجود ڪراچي ملڪي معيشت جو مرڪز ۽ ترقي جو محور بڻيل آهي، انهن سمورين حقيقتن باوجود حڪومت کي مختلف چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان کي درپيش سڀ کان وڏو چيلينج توانائي جو بحران آهي، سستي کان سستي بجلي سنڌ جي ڪوئلي مان پيدا ڪئي پئي وڃي. حڪومت ڪوئلي جي منصوبن تي اربين ڊالر خرچ ڪري قومي گرڊ کي بجلي فراهم ڪئي آهي، ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڄي پاڪستان کي فراهم ڪئي پئي وڃي، ان کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ڪوئلي جي منصوبن تي اٺ ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي آهي. انرجي سيڪٽر ۾ ڪوئلو هڪ اهم ۽ اثرائتو ذريعو بڻجي سامهون آيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شاهراهه ڀٽو جو منصوبو مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهي، اپريل جي پهرين يا ٻئي هفتي ۾ ان جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو. انفراسٽرڪچر سيس جي مد ۾ گڏ ٿيل رقم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿي رهي آهي، ان مد ۾ حاصل ٿيندڙ فنڊز سنڌ حڪومت کي نٿا ملن، حڪومت ان مسئلي جي حل لاءِ مڪيش چاولا جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي اسپتالن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو مريض ٻاهران اچن ٿا، انهن تي لکين رپيا خرچ ٿين ٿا جيڪي سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آهي. گمبٽ ۾ جگر جي پيوندڪاري جي سهولت موجود آهي، جڏهن ته ماضي ۾ ماڻهو علاج لاءِ ڀارت ويندا هئا. سنڌ پوليس 28 ڌاڙيلن کي ماريو آهي ۽ ٻن مهينن دوران 187 ڌاڙيلن سرينڊر ڪيو آهي، پوليس ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتيون ڪارروايون ڪيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي مبينا ميٽنگ بابت گردش ڪندڙ خبر جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها صرف سنسني ڦهلائڻ جي ڪوشش آهي. جنهن ميٽنگ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ان ۾ اهڙو ڪجهه به نه هو. زرداري صاحب اسان جو اڳاوڻ آهي ۽ اسان تي ڪاوڙ به ڪري سگهي ٿو. صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال تالپور باقاعدگي سان بريفنگ وٺندا رهن ٿا ۽ اسان سڀ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهيون. ڪراچي جي چيلينجز کان صدر مملڪت ۽ پ پ پ چيئرمين چڱي ريت واقف آهن. وڏو وزير روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري ٿو ۽ فيصلا ڪري ٿو. هن چيو ته ريڊ لائن منصوبي جي معاملي ۾ اسان کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پيو پر حڪومت مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، جيترا به وزير آهن، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سڀ ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنارڪلز ۽ ڊرونز خريد ڪيا پيا وڃن، ريسڪيو جي نظام کي هڪ نظام تحت آڻي رهيا آهيون ته جيئن باهه لڳڻ جي واقعن کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن، باقي شهرن جو مقابلو ڪراچي سان ڪيو وڃي ٿو، پر ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي آبادي ۾ تمام وڏو فرق آهي. لاهور کي زير زمين پاڻي جي سهولت ميسر آهي، ڪراچي کي ناهي، اهو ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. واٽر ٽينڪرن جي ڪري ٽريفڪ جو نظام ۽ انفراسٽرڪچر متاثر ٿئي ٿو. ڪراچي جي آبادي جو مقابلو ڪنهن شهر سان نه پر ملڪ سان ڪري سگهجي ٿو. ٽيم ڪم ڪري رهي آهي، وڏو وزير دورا ڪري رهيو آهي ۽ چيلينجز کي سمجهي رهيو آهي، سنڌ حڪومت فوڪسڊ آهي ۽ شهر جا مسئلا جلد حل ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت هر وقت پيپلز پارٽي کان سهڪار گهري ٿي، پر سندن سنڌ ۾ نمائندا سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.