ويلنگٽن _30 جنوري (اي پي پي)نيوزيلينڊ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل بورڊ آف پيس ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيوزيليند جي وزيراعظم ڪرسٽو فر لڪسن جمعي ڏينهن بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ان اڳڀرائي تي غور ڪري فيصلو ڪيو آهي ته هو بورڊ آف پيس جي موجوده شڪل ۾ ان ۾ شموليت اختيار نه ڪندو. پرڏيهي وزير ايڪس تي چيو …
نيوزيلينڊ پاران آمريڪي صدر جي تجويز ڪيل بورڊ آف پيس ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو
ويلنگٽن _30 جنوري (اي پي پي)نيوزيلينڊ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل بورڊ آف پيس ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيوزيليند جي وزيراعظم ڪرسٽو فر لڪسن جمعي ڏينهن بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ان اڳڀرائي تي غور ڪري فيصلو ڪيو آهي ته هو بورڊ آف پيس جي موجوده شڪل ۾ ان ۾ شموليت اختيار نه ڪندو. پرڏيهي وزير ايڪس تي چيو آهي ته گڏيل قومن جي هڪ باني ميمبر ۽ ڊگهي عرصي کان حامي طور نيوزيلينڊ چيو آهي ته سمجهوتي جي بورڊ جو ڪم گڏيل قومن جي منشور سان هم آهنگ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ وارو هجڻ گهرجي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 22 جنوري تي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم دوران باضابط طورتي بورڊ آف پيس جي شروعات ڪئي هئي.











