اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آھي ته اوڀر آفريقا جي 50 ڪروڙ صارفين تي ٻڌل مارڪيٽ تائين پھچڻ اسان جو ھدف آھي، نئين سامونڊي راھدارين سان واپار جي خرچ ۾ 30 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي آھي. اهڙن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏينھن روانڊا جي ھاءِ ڪمشنر سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان، روانڊا ۽ اوڀر آفريقا …
سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان روانڊا جي ھاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آھي ته اوڀر آفريقا جي 50 ڪروڙ صارفين تي ٻڌل مارڪيٽ تائين پھچڻ اسان جو ھدف آھي، نئين سامونڊي راھدارين سان واپار جي خرچ ۾ 30 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي آھي. اهڙن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏينھن روانڊا جي ھاءِ ڪمشنر سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان، روانڊا ۽ اوڀر آفريقا تائين سڌيءَ ريت سامونڊي راھداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏھن ته ڪراچي کان جبوتي ۽ ممباسا تائين نئين شپنگ لائنز شروع ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اوڀر آفريقا جي 50 ڪروڙ صارفين تي ٻڌل مارڪيٽ تائين پھچ اسان جو ھدف آھي، نئين سامونڊي راھدارين سان واپار جي خرچ ۾ 30 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي آھي. ھن چيو ته ڪراچي- جبوتي روٽ ٺاھڻ سان وقت نمايان گھٽتائي ايندي. جنيد انوار چوڌري چيو ته گوادر کي آفريقا لاءِ مستقبل جو اھم ايڪسپورٽ مرڪز بڻايو پيو وڃي، پاڪستاني ٽيڪسٽائل ۽ دوائن لاءِ آفريقي منڊي ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا. ھن چيو ته ڪراچي- ممبا روٽ سان علائقائي انضمام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته نوان سامونڊي رستا هندي سمنڊ ۾ پاڪستان جي سامونڊي ڪردار کي وڌائيندا. ملاقات دوران روانڊا جي ھاءِ ڪمشنر چيو ته روانڊا جي چانھه، ڪافي ۽ ايووڪاڊو جي پاڪستان تائين پھچ آسان ٿيندي ۽ سڌيءَ ريت سامونڊي رابطن ذريعي ٻه طرفي واپار کي ھٿي ملندي.











