اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ ھفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 23 جنوري تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزانو جي پيداوار 67066 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي جي جي ڀيٽ ۾ ھڪ سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل …
ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ ھفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ ھفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 23 جنوري تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزانو جي پيداوار 67066 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي جي جي ڀيٽ ۾ ھڪ سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي سراسري روزانو جي پيداوار 66284 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي ھئي، اھڙي طرح 23 جنوري تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ ۾ گيس جي سراسري روزانو جي اھڙي طرح 23 جنوري تي ختم ٿيل ھفتي ۾ ملڪ ۾ گيس جي سراسري روزانو جي پيداوار 3197 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي جي ڀيٽ ۾ ھڪ سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل ھفتي کان اڳ واري ھفتي ۾ ملڪ ۾ گيس جي سراسري روزانو جي پيداوار 3161 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي ھئي. انگن اکرن مطابق 23 جنوري تي ختم ٿيل ھفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي سراسري روزانو جي پيداوار 28338 بيرل، پي پي ايل 10404 بيرل، پي او ايل 4464 ۽ ماڙي گيس جي ڪچي تيل جي سراسري روزانو جي پيداوار 1308 رڪارڊ ڪئي وئي، اھڙي طرح 23 جنوري تي ختم ٿيل ھفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گيس جي سراسري روزانو جي پيداوار 663 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 587 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل 49 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ماڙي گيس جي گيس جي سراسري روزانو جي پيداوار 1010 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.











