اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ لڳل باهه وسائڻ دوران امدادي ڪارروائين ۾ شهيد ٿيل فائر فائٽر فرقان علي جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته فرقان علي، عوام جي جان بچائيندي پنهنجي جان جو نذراڻو پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ فرقان …
وزيراعظم شهباز شريف جو فائر فائٽر فرقان علي جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ لڳل باهه وسائڻ دوران امدادي ڪارروائين ۾ شهيد ٿيل فائر فائٽر فرقان علي جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته فرقان علي، عوام جي جان بچائيندي پنهنجي جان جو نذراڻو پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ فرقان علي جي ڪٽنب سان گڏ آهيون. هن، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فرقان علي جا درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ڏئي. وزيراعظم، حادثي ۾ ٻين فوتين جي پوئينرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اسان انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، واقعي ۾ معصوم ماڻهن جي شهادت تي دل ڏکويل آهي.











