اسلام آباد - 18 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچيءَ ۾ واقع گل پلازه ۾ لڳل باهه جي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان، ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي دڪانن جي سڙي خاڪ ٿي وڃڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته گل پلازه ۾ پيش …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران ڪراچي ۾ گل پلازه کي لڳل باهه واري واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچيءَ ۾ واقع گل پلازه ۾ لڳل باهه جي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان، ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي دڪانن جي سڙي خاڪ ٿي وڃڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته گل پلازه ۾ پيش آيل اهو افسوسناڪ واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي خاندان پنهنجي پيارن کان محروم ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته ان سانحي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي پوري قوم ڏکويل آهي. سيد يوسف رضا گيلاني فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي، کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ صبر عطا فرمائي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان افسوسناڪ واقعي ۾ گل پلازه جا ڪيترا ئي دڪان سڙي خاڪ ٿي ويا آهن، جنهن سان واپارين کي وڏو مالي نقصان پهتو آهي. هن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪن ۽ متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد کي يقيني بڻائين. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهري علائقن ۾ فائر سيفٽي جي اثرائتن انتظامن ۽ قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.











