اسلام آباد - 18 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي، ته حڪومت شاهدين تي ٻڌل ۽ عمل جوڳي پاليسي سازي جي عزم تي ڪاربند آهي، اسان کي انهن ٻارن تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ مربوط نقطه نظر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مڪمل طور تي نظر انداز، پٺتي پيل ۽ سڃاڻپ کان محروم رهجي ويا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن …
تحقيق کي عملي پاليسي سان جوڙڻو پوندو، نظر انداز طبقن تائين پهچ حڪومت جي ترجيح آهي: مملڪتي وزير وجيهه قمر

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي، ته حڪومت شاهدين تي ٻڌل ۽ عمل جوڳي پاليسي سازي جي عزم تي ڪاربند آهي، اسان کي انهن ٻارن تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ مربوط نقطه نظر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مڪمل طور تي نظر انداز، پٺتي پيل ۽ سڃاڻپ کان محروم رهجي ويا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن، لمز ۽ پاڪ الائنس فار ميٿس اينڊ سائنس جي حصيدار سان منعقد پاليسي ڳالهين ”دي ايڪويٽي ايڪويشن، تعليمي منصوبه بندي لاءِ جديد ڊيٽا سسٽمز“ جي عنوان سان خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو مقصد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پريڊيڪٽيو ماڊلنگ جهڙن جديد اوزارن جو تعارف ڪرائڻ هو ته جيئن ملڪ جي اڍائي ڪروڙ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي کي حل ڪري سگهجي. مصنوعي ذهانت ۽ مشين لرننگ تي ٻڌل اهي منصوبا ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ته معاشي ۽ سماجي رڪاوٽن دوران گهريلو سطح تي تعليم جي حوالي سان ڪهڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته تحقيق جيستائين عملي مسئلن سان نٿي جڙي بي فائده آهي ۽ آئيڊياز جيستائين عملدرآمد جي سانچي ۾ نه اچن بي معنيٰ آهن. تقريب ۾ لمز جي ماهرن ڊاڪٽر فرح نديم، ڊاڪٽر فيصل باري ۽ ڊاڪٽر زبير خالد ”ماڊل“ جو ڊيش بورڊ پيش ڪيو جنهن واضح ڪيو ته ڪهڙي ريت ڊيٽا ذريعي اسڪول نه ويندڙن جا سبب (جيئن خرچ، تحفظ ۽ خانداني حرڪتن) جي نشاندي ڪري سگهجي. سيشن جي پڄاڻي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ طئي ٿيو ته سرڪاري ادارا ان جديد طريقيڪار کي پائليٽ پروجيڪٽ طور اختيار ڪندا ۽ حڪومتي ڊيٽا يونٽس جي صلاحيت سازي لاءِ گڏيل پروگرام جوڙيندا. برطانوي اداري ايف سي ڊي او جي سهڪار سان شروع ڪيل ان منصوبي کي پاڪستان جي تعليمي منصوبه بندي ۾ هڪ انقلابي تبديلي جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي.











