گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ڊيره اسماعيل جي علائقي ڪلاچي ۾ خوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي ڊيره پوليس کي خراجِ تحسين پيش

پشاور- 18 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ خوارج خلاف ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي ڊيره پوليس کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس طرفان جاري بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊي پي او ڊيره جي قيادت ۾ ڪلاچي ۾ خوارج خلاف آپريشن ۾ هڪ دهشتگرد کي جهنم حوالي ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ کي ساراهيندي چيو …

پشاور- 18 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ خوارج خلاف ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي ڊيره پوليس کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس طرفان جاري بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊي پي او ڊيره جي قيادت ۾ ڪلاچي ۾ خوارج خلاف آپريشن ۾ هڪ دهشتگرد کي جهنم حوالي ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر پوليس تي فخر آهي. هن، آپريشن ۾ شريڪ سمورن جوانن کي مبارڪون ڏنيون. گورنر، آپريشن ۾ زخمي پوليس اهلڪار کي علاج جي ڀرپور سهولتون فراهمي جي حڪم جاري ڪندي جوان جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.

مزید خبریں