لاهور- 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرگوڌا ۽ اورماڙه ويجهو روڊ حادثن ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم انهن حادثن جي نتيجي ۾ فوتين لاءِ مغفرت ۽ سندن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، وزيراعظم حادثن ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ عملدارن …
وزيراعظم شهباز شريف جو سرگوڌا ۽ اورماڙه ويجهو روڊ حادثن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
لاهور- 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرگوڌا ۽ اورماڙه ويجهو روڊ حادثن ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم انهن حادثن جي نتيجي ۾ فوتين لاءِ مغفرت ۽ سندن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، وزيراعظم حادثن ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ عملدارن کي قومي شاهراهن تي ٽريفڪ قانون ۽ حفاظتي قدمن تي عملدرآمد يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ڪوهيڙي سبب عوام جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي احتياتي تدبيرن جي سخت نگراني جي هدايت ڪئي.











