لاهور-17 جنوري (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ڪنهن کي به پارليامينٽ ۾ رياست، عدليه ۽ فوج مخالف ڳالهه ڪرڻ نه ڏيندس، ڪو به ججز جي ڪردار تي ڳالهه ڪندو ته اجازت نه ملندي، اهي شيون آئين ۾ آهن ۽ اها منهنجي ذميواري آهي ته مون کي پارليامينٽ ڪهڙي طريقي هلائڻو آهي. اهڙو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي دوري جي موقعي تي …
قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن کي به پاڪستان، عدليه ۽ فوج مخالف ڳالهه نه ڪرڻ ڏيندس: سردار اياز صادق

مزید خبریں
لاهور-17 جنوري (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ڪنهن کي به پارليامينٽ ۾ رياست، عدليه ۽ فوج مخالف ڳالهه ڪرڻ نه ڏيندس، ڪو به ججز جي ڪردار تي ڳالهه ڪندو ته اجازت نه ملندي، اهي شيون آئين ۾ آهن ۽ اها منهنجي ذميواري آهي ته مون کي پارليامينٽ ڪهڙي طريقي هلائڻو آهي. اهڙو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ هن آرٽ گئلري جو به دورو ڪيو. هن چيو ته محمود خان اچڪزئي هجي يا ڪو ٻيو منهنجي لاءِ اهي پارليامينٽ جا ميمبر آهن، جيڪو به پاڪستان مخالف ڳالهه ڪندو آئون ان کي روڪيندس. هن چيو ته ڪٿي ناهي لکيل ته مخالف ڌر اڳواڻ جڏهن به اٿندو ته کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو، جيڪڏهن هو ٺيڪ ڳالهه ڪندو ته کيس موقعو ملندو رهندو ۽ اها روايت به آهي، پر هي نه آئين ۾ آهي ۽ نه ئي قاعدن ۾. اسپيڪر چيو ته مخالف ڌر ڪميٽين ۾ اچي، پنهنجو ڪم ڪري جنهن جي ڪرڻ جي ضرورت آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مشاورت ڪندو آهيان پر هو ڪنهن ڪم کان مون کي ناهي روڪيندو، مشاورت جيترن وڌيڪ ماڻهن سان ٿئي اها بهتر آهي، مخالف ڌر اڳواڻ جي نوٽيفڪيشن ۾ دير جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان جو سبب اهو هو ته معاملو عدالت ۾ هو، جيئن ئي ڪيس واپس ورتو ويو اسان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت مضبوط ۽ ذخيرا وڌي رهيا آهن، ريميٽنس لاءِ چيو ويو هو ته نه موڪليو پر اهي به 50 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تاريخ ۾ ڪڏهن ايتري بهترين نه هئي جيتري اڄ آهي، آمريڪا سان گڏوگڏ چين، روس ۽ سعودي عرب سان به دوستي آهي، اهو ملڪ ٻڌايو جنهن سان اسان جي دوستي ناهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۽ دهشتگردن سان مسئلو آهي جيڪي اسان جي ٻارن، جوانن ۽ عورتن جي جانين سان کيڏن ٿا. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ملڪ ۽ هر هنڌ مافياز هوندا آهن اسان وٽ به آهن، انهن خلاف وڙهڻ اسان جو ۽ عوام جو به ڪم آهي، انهن مافياز سان وڙهندا رهنداسين، 8 فيبروري جي احتجاج بابت سوال تي هن چيو ته پرامن احتجاج ضرور ڪريو پر ان ۾ رتوڇاڻ نه ٿئي، ماڻهن جي جان ۽ مال کي نقصان نه پهچايو وڃي، جڏهن ماڻهن جي جانين کي خطرو هجي، هٿن ۾ ڏنڊا ۽ بندوق هجن ته اهڙن احتجاجن تي ڳڻتي ٿيندي آهي. هن چيو ته اسان انهن کي مشورو ڏئي سگهون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچو، ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪريو ڇاڪاڻ ته پارليامينٽرين جو اصل ڪم اهو ئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته وائيس چانسلر جي دعوت تي هتي نمائش ڏسڻ آيو هئس، هي معياري يونيورسٽي آهي، هتي جا شاگر عملي ميدان ۾ ويندا آهن ۽ پاڪستان جو نالو روش ڪري رهيا آهن، جيڪي اسان جي لاءِ فخر جو سبب آهن.











