جنرل فيض حميد جي سزا ڪنهن حڪومت يا پارٽيءَ جي فتح ناهي، هي فيصلو ملڪ جي آئين ۽ قانون جي فتح آهي، ملڪ جي ايندڙ سياست تي ان جا ڏور رس نتيجا پوندا: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته جنرل فيض حميد جي سزا ڪنهن حڪومت يا جماعت جي فتح ناهي ۽ نه ئي ڪنهن ان تي خوشي ملهائي آهي، اهو فيصلو ملڪ جي آئين ۽ قانون جي فتح آهي، ملڪ جي ايندڙ سياست تي ان جا ڏور رس نتيجا پوندا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي …

اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته جنرل فيض حميد جي سزا ڪنهن حڪومت يا جماعت جي فتح ناهي ۽ نه ئي ڪنهن ان تي خوشي ملهائي آهي، اهو فيصلو ملڪ جي آئين ۽ قانون جي فتح آهي، ملڪ جي ايندڙ سياست تي ان جا ڏور رس نتيجا پوندا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي سياسي تاريخ جو پهريون اهڙو فيصلو آهي جنهن ۾ جنرل فيض حميد کي 14 سالن جي سخت پورهئي سان سزا ڏني. ان فيصلي ملڪ جي هاڻوڪي سياسي بحران جي سببن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ان فيصلي تحت ملڪ جي انتهائي طاقتور سمجهي ويندڙ شخصيت فيض حميد جيڪو آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه ۽ ڪور ڪمانڊر پڻ رهي چڪو آهي، پاڪ فوج جي عسڪري قيادت ۽ اداري ان خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي جي شروعات ڪئي. فوج ۾ ان کان اڳ اهڙو مثال موجود نه هو ته فوج پنهنجي ئي ڪنهن آفيسر کي سزا ڏني هجي. هن چيو ته هي ڪيس 15 مهينن تائين هليو، فيض حميد کي صفائيءَ جو پورو موقعو ڏنو ويو، کيس مرضي ۽ پسند جي ليگل ٽيم جي اجازت ڏني وئي، ان کان پوءِ جيڪي چار الزام لڳايا ويا اهي سچ ثابت ٿيا ۽ ان بنياد تي کيس 14 سالن جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي. هن چيو ته هي فيز ون آهي، ٻئي فيز جي ڳالهه بعد ۾ ايندي. هن چيو ته هي فيصلو نه ڪنهن حڪومت ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي فتح آهي، نه ڪنهن خوشيون ملهايون، هي ملڪ جي آئين ۽ قانون جي فتح آهي. هن چيو ته ان جا سياسي تاريخ ۾ ڏور رس اثر پوندا. هن چيو ته ملڪ جي هاڻوڪي سياسي بحران جون پاڙون فيض حميد جي آئين کان مٿانهن فيصلن ۽ جوڙ ٽوڙ جي قدمن سان جُڙيل آهن. هن چيو ته ڪوبه آئين کان مٿانهون ناهي. جنرل فيض پنهنجي آئيني حيثيت ۽ رياستي عهدي کي پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند طور آئين کان مٿانهون ٿي استعمال ڪيو. هن چيو ته قومي مفاد جي نالي تي هن غير آئيني قدم کڻي حڪومتن کي ٺاهيو ۽ ڪِيرايو. هن چيو ته جڏهن ڪو پنهنجي رياستي هم منصب کي سياسي انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪري ٿو ته ان جا نتيجا به سامهون ايندا آهن. طارق فضل چوڌري چيو ته گذريل 8 کان 10 سالن کان ملڪ ان قدمن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف کي وزارت عظميٰ تان غير آئيني طور هٽايو ويو. راڻا ثناءُ الله، خواجه سعد رفيق ۽ حنيف عباسي سميت اسان جي ڪيترن ئي وزيرن کي قيد ڪيو ويو. ٻئي طرف هڪ پارٽيءَ جي ليڊرشپ کي سپورٽ ڪيو ويو ۽ مخصوص چهرا سامهون آندا ويا جنهن سان ادارن تي عوام جو اعتماد ڪمزور ٿيو، جمهوري نظام ڪمزور ٿيو ۽ معاشري ۾ ورڇ پيدا ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني، جنرل فيض حميد جي پُٺڀرائيءَ سبب رياست ۽ رياستي ادارن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي. هن فوج ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جا سمورا غير آئيني قدم ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام کڻي آيا، ان سزا کانپوءِ ملڪ جي سياسي نظام ۾ ڪنهن کي اهڙيءَ طرح جي ڪهاڻي ورجائڻ جي جرئت نه ٿيندي. هن چيو ته ان فيصلي فوج جي اندروني احتساب جي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪيو آهي ۽ ان تي فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ به هاڻ سمجهي وٺي ته ان جي پٺ تي فيض حميد نه رهيو آهي، هاڻ کين پنهنجا پير زمين ۾ رکڻ گهرجن ۽ انهن جي ناڪاري سياست جي اثرن سبب ملڪ تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي رياستي ادارن جي سربراهن خلاف انهن جا ٽوئيٽس اهڙا آهن جيڪي صرف ڀارت ئي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ الله تعاليٰ اسان کي فتح عطا فرمائي، اسان ڀارت جا 6 جهاز ڪِيرايا، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايئر چيف جي سربراهيءَ ۾ اسان کي اها ڪاميابي ملي ۽ ملڪ کي سڄي دنيا ۾ ان ڪاميابيءَ تي پذيرائي ملي رهي آهي. هن چيو ته سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ٿيو آهي، اسان جا ٻيا دوست ملڪ اسان سان قدم قدم سان ملائي هلڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ٻئي طرف هڪ شخص جيل ۾ ويهي فوج ۽ رياستي ادارن ۽ انهن جي سربراهن خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي اهو دنيا جو ڪوبه مهذب ملڪ قبول نه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيض حميد جي غير آئيني قدمن سان فائدا حاصل ڪندڙن جا نالا سامهون اچڻ باقي آهن، انهن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں