پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ترقياتي ڳالهين جو نئون دؤر، واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات ۽ سماجي شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

 اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ 8 سالن کان پوءِ ترقياتي ڳالهين جو نئون دؤر اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات ۽ سماجي شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ اهم اقتصادي ۽ ترقياتي معاملن تي اڳڀرائي سامهون آئي جيڪا پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ عالمي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ جي علامت قرار …

 اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ 8 سالن کان پوءِ ترقياتي ڳالهين جو نئون دؤر اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات ۽ سماجي شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ اهم اقتصادي ۽ ترقياتي معاملن تي اڳڀرائي سامهون آئي جيڪا پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ عالمي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ جي علامت قرار ڏني پئي وڃي. ڳالهين دوران ناڻي ۽ـ محصولن واري وفاقي وزير  سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ برطانوي ترقياتي معاملن واري وزير بيرونس چيپ مين وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ان فورم ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي سهڪار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ 200 کان وڌيڪ برطانوي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن جنهن سان ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 5.5 بلين پائونڊ کان چڙهي چڪو آهي. هن چيو ته سيڙپڪاريءَ ۾ لڳاتار واڌ عالمي سطح تي پاڪستان تي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي. ڳالهين دوران صحت، تعليم، آبادي ۽ ماحولياتي استحڪام جي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن جي اثرائتي استعمال لاءِ گريم ڪومپيڪٽ پروگرام جي باضابطه شروعات ڪئي وئي جيڪا گرين ٽيڪنالاجيز ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي. بيرونس چيپ مين ۽ تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پاڪ- يو ڪي ايجوڪيشن گيٽ وي جي ايندڙ مرحلي جو افتتاح به ڪيو جنهن تحت اسٽارٽ اپ فنڊز، آن لائن لرننگ پروگرامز ۽ تعليمي موقعن ۾ واڌارو شامل آهي. انهن قدمن سان ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ماهرن موجب اهم ترقياتي اڳڀرائي نه صرف پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آڻيندي پر پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جا نوان رستا پڻ کوليندي، جنهن سان مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جا ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

مزید خبریں