پاڪستان ۽ ڪرغزستان ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ 15 معاهدن ۽ ماهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا

اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، زراعت، توانائي، بندرگاهن جي استعمال، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ 15 معاهدن ۽ ماهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جو صدر صادر زپاروف جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿيندڙ خصوصي تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن …

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، زراعت، توانائي، بندرگاهن جي استعمال، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ 15 معاهدن ۽ ماهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جو صدر صادر زپاروف جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿيندڙ خصوصي تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جو صدر پڻ موجود هئا. پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي ۽ ڪرغزستان جي ڊپلوميٽڪ اڪيڊمي جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زينيڪ ڪولوبايف، واپار واري وزارت ۽ ڪرغزستان جي معيشت ۽ واپار واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪرغزستان جي معيشت ۽ واپار واري وزير بڪيٽ سيڊيڪوف، کاڻين جي کوٽائي ۽ جيو سائنسز ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي توانائي (پيٽروليم) واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زينيڪ ڪولوبايف، توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ ڪرغزستان جي توانائي واري وزير تاليبيڪ، بندرگاهن ۽ لاجسٽڪ رابطن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ڪرغزستان جي معيشت ۽ واپار واري وزير بڪيٽ سيڊيڪوف، زرعي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ ڪرغزستان پاران پرڏيهي وزير زينيڪ ڪولوبايف، سزا يافته ماڻهن جي مٽاسٽا جي لاءِ معاهدي تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ڪرغزستان جي پراسيڪيوٽر جنرل مڪسٽ اساناليو ۽ ڪسٽمز جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ڊيٽا جي مٽاسٽا جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زينيڪ ڪولوبايف، ڪرغزستان جي پرڏيهي وزارت جي ڊپلوميٽڪ اڪيڊمي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگئيجز جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ڪرغزستان جي ثقافت، اطلاعات ۽ اسپورٽس ۽ يوٿ پاليسي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. بشڪيڪ ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي تي مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ بشڪيڪ جي ميئر صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ثقافت جي شعبي ۾ پڻ معاهدو ٿيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ڪرغزستان جي ثقافت ۽ اطلاعات واري وزير صحيحون ڪيون. جراحي اوزارن جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ملڪ ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير صحيحون ڪيون. سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان ۽ ڪرغزستان جي واپار ۽ معيشت واري وزير صحيحون ڪيون. زراعت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي وفاقي وزير احد خان چيما ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير صحيحون ڪيون.