اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مربوط حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسز 74 مان گهٽجي 30 رهجي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ گاوي بورڊ ميٽنگ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽڪن بابت سٺي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته معمول …
جامع حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسز 74 مان گهٽجي 30 رهجي ويا آهن: قومي صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مربوط حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسز 74 مان گهٽجي 30 رهجي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ گاوي بورڊ ميٽنگ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽڪن بابت سٺي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته معمول جي حفاظتي ٽڪن جي ڪوريج ۾ سٺي بهتري آئي آهي. تازن ڄاول ٻارن جي نشاندهي ۽ انهن تائين رسائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي. صحت واري وزير اي پي آءِ ۽ پي اي آءِ ٽيمن سان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز جي شاندار محنت جي واکاڻ ڪئي. هن حفاظتي ٽڪن جي ڪوريج ۾ واڌ ۽ هر ٻار جي محفوظ مستقبل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اي پي آءِ ۽ پي اي آءِ جي گڏيل قدمن سان مئي ۽ سيپٽمبر مهينن ۾ 4 لک تازن ڄاول ٻارن جي نشاندهي ڪئي وئي. اعليٰ معيار جي پوليو مهم ذريعي لکين ٻارن تائين ويڪسين جي رسائي کي يقيني بڻايو ويو.سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته سال 2025ع جي آخري پوليو مهم 15 کان 21 ڊسمبر تائين منعقد ڪئي ويندي. قومي پوليو مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز خدمتون انجام ڏيندا. قومي مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان خاتمي جا قطرا پياريا ويندا.











