اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آمريڪا ۾ 17 کان 19 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ميجڪ شو لاس ويگاس ۾ شرڪت لاءِ 12 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش آمريڪا ۾ 17 کان 19 فيبروري تائين جاري رهندي جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ پاڪستاني چمڙي جي مصنوعات سان لاڳاپيل …
آمريڪا ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 12 ڊسمبر تائين طلب
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آمريڪا ۾ 17 کان 19 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ميجڪ شو لاس ويگاس ۾ شرڪت لاءِ 12 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش آمريڪا ۾ 17 کان 19 فيبروري تائين جاري رهندي جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ پاڪستاني چمڙي جي مصنوعات سان لاڳاپيل ماڻحو يا ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طعي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.











