اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف سان هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغز صدر صادر زپاروف ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ پاڪ-ڪرغزستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف سان ملاقات
اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف سان هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغز صدر صادر زپاروف ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ پاڪ-ڪرغزستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ ترين سياسي سطح تي پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. نائب وزيراعظم صدر صادر زپاروف کي پاڪستان جي قيادت سان پنهنجي مصروفيتن، ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ وسيع بنيادن تي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ٿيندڙ ڳالهين کان پڻ آگاهه ڪيو.











