معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ري هيبيليٽيشن سينٽر فار چلڊرن ود ڊوليپمنٽل ڊس آرڊرز ۾ خصوصي تقريب منعقد

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ري هيبيليٽيشن سينٽر فار چلڊرن ود ڊوليپمنٽل ڊس آرڊرز ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو موضوع سماجي ترقي لاءِ معذوري کان پاڪ ۽ شموليتي معاشري کي هٿي ڏيڻ هو. تقريب ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر، پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر ۽ وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب خاص شرڪت …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ري هيبيليٽيشن سينٽر فار چلڊرن ود ڊوليپمنٽل ڊس آرڊرز ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو موضوع سماجي ترقي لاءِ معذوري کان پاڪ ۽ شموليتي معاشري کي هٿي ڏيڻ هو. تقريب ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر، پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر ۽ وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب خاص شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وجيهه قمر چيو ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي.خصوصي ٻارن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي اولين ذميواري آهي، پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر چيو ته شموليتي معاشرو ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي جتي هر ماڻهو کي بنا فرق جي ترقي جا موقعا دستاب هجن. وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب چيو ته وفاقي تعليم واري وزارت خصوصي ماڻهن لاءِ تعليم دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ جامع پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي ۽ آئنده به اهڙن قدمن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي ويندي. تقريب ۾ ماهرن، استادن، والدين ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.