چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪمانڊر رائل سعودي لينڊ فورسز ليفٽيننٽ جنرل فهد بن سعود الجوهاني جي ملاقات

راولپنڊي-03 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط دفاعي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي تربيت، سگهه ۾ اضافي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ۾ مسلسل سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪمانڊر رائل سعودي لينڊ فورسز ليفٽيننٽ جنرل فهد …

راولپنڊي-03 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط دفاعي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي تربيت، سگهه ۾ اضافي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ۾ مسلسل سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪمانڊر رائل سعودي لينڊ فورسز ليفٽيننٽ جنرل فهد بن سعود الجوهاني جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فيلڊ مارشل ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط دفاعي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ تربيت، سگهه ۾ اضافي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ۾ مسلسل سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. ڪمانڊر رائل سعودي لينڊ فورسز پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.