اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي)چيف جسٽس آف پاڪستان/چيئرمين نيشنل جڊيشل (پاليسي ميڪنگ) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته شهري مرڪزيت، شفافيت ۽ برابري تي ٻڌل انصاف لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر ٿي چڪو آهي ۽ موثر عدلتي نظام جي تعمير لاءِ ڊجيٽل سڌارا اهميت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي جڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد ۾ منعقد مشاروتي ورڪشاپ نيشنل اي …
موثر عدالتي نظام جي تعمير لاءِ ڊجيٽل سڌارا وڏي اهميت رکن ٿا: چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي)چيف جسٽس آف پاڪستان/چيئرمين نيشنل جڊيشل (پاليسي ميڪنگ) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته شهري مرڪزيت، شفافيت ۽ برابري تي ٻڌل انصاف لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر ٿي چڪو آهي ۽ موثر عدلتي نظام جي تعمير لاءِ ڊجيٽل سڌارا اهميت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي جڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد ۾ منعقد مشاروتي ورڪشاپ نيشنل اي – ڪورٽ رفارم ايجنڊا ضرورت ۽ چئلينجز کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس محمد علي مظهر، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونڪيشن واري سيڪريٽري، پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي چيئرمين، نيشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف ويمن جي سيڪريٽري، لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي سيڪريٽري، سپريم ڪورٽ ۽ سمورين هاءِ ڪورٽن جي رجسٽرارن، آءِ ٽي ماهرن ۽ سڄي ملڪ جي سينئر عدالتي آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس ان موقعي تي نيشنل جڊيشل آٽوميشن ڪميٽي (اين جي اي سي) جي ڪردار کي سنگ ميل قرار ڏنو جنهن جي سربراهي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس محمد علي مظهر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اين جي اي سي، اين جي پي ايم سي تحت سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ڊجيٽل قدمن کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ هڪ جديد، موثر ۽ پهچ جوڳي عدالتي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ اداره جاتي بنياد فراهم ڪري رهي آهي. ورڪشاپ دوران هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرارز ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي نمائندن موجوده ٽيڪنالاجي ڍانچي، ڊجيٽلائيزيشن ۾ اڳڀرائي ۽ هيٺين عدالتن کي درپيش چئلينجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ورڪشاپ جي پڄاڻي ايندڙ جي لائحه عمل جي منظوري تي ٿيو، جنهن ۾ سسٽمز جي فني ضرروتن جي نشاندهي، صارف لاءِ آسان ڊزائين تي ٻڌل سيشنز ۽ اين جي پي ايم سي ۽ اين جي اي سي جي رهنمائي ۾ قومي ڊجيٽل جسٽس فريم ورڪ جي تياري شامل آهي.











