اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اڄ اپوزيشن اتحاد هڪ ڀيرو ٻيهر حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، ستين اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ صوبن جي حصي ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ وفاقي آمدني ۾ صوبن جو شيئر تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن جون مالي ضرورتون وفاق پوريون ڪري رهيو آهي، مخالف ڌر …
اپوزيشن اتحاد هڪ ڀيرو ٻيهر حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو: طلال چوڌري
اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اڄ اپوزيشن اتحاد هڪ ڀيرو ٻيهر حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، ستين اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ صوبن جي حصي ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ وفاقي آمدني ۾ صوبن جو شيئر تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن جون مالي ضرورتون وفاق پوريون ڪري رهيو آهي، مخالف ڌر ٻڌائي ته خيبرپختونخوا حڪومت اڄ تائين اتي ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪيا آهن؟ اپوزيشن اتحاد جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته فاٽا جي ضم ٿيڻ کانپوءِ صوبن کي خاص گرانٽس، ترقياتي پراجيڪٽس ۽ سيڪيورٽي خرچن لاءِ وفاق باقاعدگي سان رقم جاري ڪندو رهيو آهي، اين ايف سي شيئر تي بي بنياد الزام لڳائڻ بدران اوهان عوام کي ٻڌايو ته خيبرپختونخوا حڪومت پاڻ پنهنجي ترقياتي بجيٽ جو وڏو حصو استعمال ناهي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن اتحاد خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي مالي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ بدران ذميواري مرڪز تي وجهڻ جي عادت اختيار ڪئي آهي، صوبي ۾ امن امان جي بهتري لاءِ وفاقي حڪومت وڏو مالي ۽ انتظامي تعاون فراهم ڪيو جنهن سان ڪاروباري سرگرمين ۽ سماجي استحڪام ۾ نمايان بهتري آئي. طلال چوڌري چيو ته وفاقي حڪومت قومي يڪجهتي جي گهرجن تحت هر صوبي جي حقن جي محافظ آهي، سياسي فائدي لاءِ غلط بيانن جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مخالف ڌر جي پيدا ڪيل غلط فهميون ختم ٿي سگهن. هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر طرفان مايوسي پکيڙڻ غير ذميواراڻو طرز عمل آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو، سيڙپڪارن کي غير يقيني صورتحال ۾ ڌڪيو ويو جڏهن ته موجوده حڪومت جي معاشي ۽ سفارتي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو، دوست ملڪن جو اسان تي اعتماد بحال ٿيو، سيڙپڪاري ۾ چڱو خاصو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، اعليٰ سطحي واپاري ۽ اقتصادي وفدن جو پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي. طلال چوڌري چيو ته مختلف شعبن ۾ حصيداري جا نوان دروازا کلي رهيا آهن، اڄ خطي ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ باوقار تشخص اڀري سامهون آيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ واپار جي نالي تي سياست ڪئي، قومي اقتصادي مفادن جي قيمت تي ذاتي بيانيو اڳتي وڌايو، پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد مجروح ڪيو، اهي ماڻهو نه واپار سمجهن ٿا ۽ نه ئي معيشت جي حرڪت کان واقف آهن، جن ملڪ کي معاشي نقصان پهچايو. طلال چوڌري چيو ته موجوده حڪومت عملي قدمن ذريعي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪري رهي آهي، خيبرپختونخوا ۾ ترقي، سيڙپڪاري ۽ روزگار لاءِ وفاق پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ آئنده به قومي ترقي جي هر مرحلي ۾ صوبن سان تعاون جاري رکندو.











