سردار اياز صادق پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس گاڏي تي ٿيل حملي جي مذمت

اسلام آباد-03 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس گاڏي تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو بزدلاڻو حملو انتهائي شرمناڪ ڪم آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن حملي ۾ شهيد اي ايس آءِ گل عالم، سپاهي رفيق ۽ سخي جان کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي …

اسلام آباد-03 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس گاڏي تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو بزدلاڻو حملو انتهائي شرمناڪ ڪم آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن حملي ۾ شهيد اي ايس آءِ گل عالم، سپاهي رفيق ۽ سخي جان کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏکويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، قوم کي پنهنجي بهادر پوليس جوانن جي قربانين تي فخر آهي، خوراج دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، رياست انهن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڪي پي ڪي پوليس، هميشه بهادري، فرض شناسي ۽ جرئت جا مثال قائم ڪيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، قوم ۽ رياست دهشتگردي خلاف متحد آهن، دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، پوليس فورس جون قربانيون امن جي قيام جي بنياد آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي درجن جي بلندي، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.