اتر بلوچستان، ڪشمير، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين پنجاب ۾ موسم جزوي گهميل/ جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اتر بلوچستان، ڪشمير، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين پنجاب ۾ موسم جزوي گهميل/ جهڙالي رهڻ جڏهن ته مٿانهين جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي توقع آهي. موسميات کاتي مطابق پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اتر بلوچستان، ڪشمير، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين پنجاب ۾ موسم جزوي گهميل/ جهڙالي رهڻ جڏهن ته مٿانهين جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي توقع آهي. موسميات کاتي مطابق پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد قلات، زيارت، ليه ۾ ڪاٽو 07، اسڪردو، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 06، گلگت ۾ ڪاٽو 05، چترال، گوپس، دير ۾ ڪاٽو 04، ڪالام، استور ۽ مالم جبه ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.