آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان جي ايس ايم اي ۽ فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انسپائر سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام تحت 7200 پاڪستاني نوجوانن کي جديد سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني ويندي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽي ڪلسٽرز ۾ 9 آءِ سي ڊزائين ليبارٽيز قائم ڪيون پيون وڃن. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب جي ايس ايم اي ۽ فارن، ڪامن …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انسپائر سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام تحت 7200 پاڪستاني نوجوانن کي جديد سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني ويندي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽي ڪلسٽرز ۾ 9 آءِ سي ڊزائين ليبارٽيز قائم ڪيون پيون وڃن. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب جي ايس ايم اي ۽ فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي اعليٰ سطحي وفد وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ لوئيزا اوڊيل (انوويشن اينڊ ٽيڪنالاجي ايڊوائيزر، ايف سي ڊي او)، مائيڪل ان ون (اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ليڊ، ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن يونٽ، ايف سي ڊي او) ۽ ڪمبرلي برائون (گلوبل هيڊ آف موبائيل فار هيومينيٽرين، جي ايس ايم اي) شامل هيون. ملاقات ۾ آفتن دوران ڪنيڪٽيويٽي، موبائيل ايڪو سسٽم جي ڪردار، ڊجيٽل شموليت ۽ پائيدار ترقي بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پاڪستان جي انوويشن ۽ اسٽارٽ اپ منظرنامي ۽ ڊجيٽل ترقي لاءِ حڪومتي پاليسي قدمن تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وزيراعظم شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن تي روشني وجهندي وفد کي انسپائر سيمي ڪنڊڪٽر پروگرام تي بريفنگ ڏني.هن ٻڌايو ته ان پروگرام تحت 7 هزار 200 پاڪستاني نوجوانن کي جديد سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني ويندي جڏهن ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽي ڪلسٽرز ۾ 9 آءِ سي ڊزائين ليبارٽريز قائم ڪيون پيون وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ هارڊ ويئر ۽ چپ ڊزائين جي شعبي کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. جي ايس ايم اي جي وفد جي ايس ايم اي موبائيل فار ڊولپمينٽ (ايم 4 ڊي) جي عالمي مشن، ان جي دائري ڪار ۽ پاڪستان ۾ جاري هاڻوڪن منصوبن تي بريفنگ ڏني، خاص ڪري موبائيل انٽرنيٽ کي هٿي ڏيڻ، ڊجيٽل شموليت ۽ ڪمزور طبقن لاءِ موبائيل بيسڊ ڊجيٽل حل ذريعي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد پاڪستان جي جامع ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ ريزيلينس تي ٻڌل جدت جي ويزن کي ساراهيو. جي ايس ايم اي ۽ فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي نمائندن پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپس جي مدد جي حڪومتي نظام، خاص ڪري بريج اسٽارٽ ۽ پاڪستان اسٽارٽ اپ فنڊ پروگرام کي ساراهيندي چيو ته اهي قدم پاڪستان ۾ انٽر پرينيورشپ، جدت ۽ پائيدار ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مضبوط حڪومتي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.