قاهره-03 ڊسمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ڊي – 8 جا ميمبر ملڪ علائقائي اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪن، ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي فعال ڪن ۽ ڊجيٽل واپار ۾ اڀرندڙ موقعن کي اختيار ڪن. اهڙو اظهار هن قاهره ۾ منعقد ڊي - 8 واپاري وزارتي ڪائونسل جي چوٿين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سيشن ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام …
ڊي – 8 جا ميمبر ملڪ علائقائي اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪن: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
قاهره-03 ڊسمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ڊي – 8 جا ميمبر ملڪ علائقائي اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪن، ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي فعال ڪن ۽ ڊجيٽل واپار ۾ اڀرندڙ موقعن کي اختيار ڪن. اهڙو اظهار هن قاهره ۾ منعقد ڊي – 8 واپاري وزارتي ڪائونسل جي چوٿين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سيشن ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڊي ايٽ پروٽوڪول آن ڊسپيوٽ سيٽلمينٽ مڪينزم تي به صحيحيون ڪيون جيڪو تنظيم جي اداره جاتي مضبوطي طرف هڪ اهم قدم آهي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير مصر جي حڪومت ۽ واپار واري وزارت حسن الخطيب جو ٿورو مڃيو. هن آذربائيجان کي ڊي ايٽ جي سڀني کان نئين ۽ 9 ميمبر طور ڀليڪار چوندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي شموليت سان تنظيم جي اجتماعي اقتصادي طاقت ۾ اضافو ٿيندو. ڄام ڪمال خان ڊي ايٽ جهڙي علائقائي پليٽ فارمز جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته سپلائي چين ۾ رڪاوٽون، موسمياتي تبديلي ۽ جنسن جي منڊي ۾ لاهن چاڙهن کي اجتماعي طور تي حل ڪرڻو پوندو. ڄام ڪمال خان ڊي ايٽ ترجيحي معاهدي جي مرڪزي ڪردار کي انٽرا ڊي ايٽ واپار کي وڌائڻ لاءِ نهايت اهميت وارو قرار ڏنو ۽ ان جتي موثر نموني لاڳو کي ان جي مڪمل فائدي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو. هن پي ٽي اي کي سمورن ميمبرن لاءِ مڪمل طور تي فعال ۽ موثر بڻائڻ لاءِ طريقيڪار کي هم آهنگ ڪرڻ، آپريشنل چئلينجز کي حل ڪرڻ ۽ دستياويزن کي هموار ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڀريو. هن چيو ته موثر ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز، ڊجيٽل انضمام ۽ متوقع ٽرانزٽ سسٽم علائقائي واپار جي صلاحيت کي کولڻ لاءِ اهم آهن ۽ پاڪستان انهن ڪوششن ۾ تعميري تعاون لاءِ تيار آهي. ڄام ڪمال چيو ته فوڊ سيڪيورٽي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، توانائي ۽ فني جدت کي ترجيحي شعبن طور شامل ڪيو وڃي جتي گڏيل تعاون لچڪ پيداوار ڪري سگهي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري خوشحالي کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڊي ايٽ، صلاحيت سازي ۽ بهترين پريڪٽس شيئرنگ ذريعي تعاون لاءِ هڪ مثال بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر، ڊجيٽل خواندگي ۽ سرحد پار اي ڪامرس پليٽ فارم ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته پاڪستان ڊي ايٽ جي حصيداري سان فنٽيڪ، ڊجيٽل ادائيگيون ۽ جدت تي ٻڌل قدمن تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن گڏيل خوشحالي ۽ علائقائي انضمام لاءِ ڊي ايٽ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي مڪمل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي صحيح پاليسين ۽ حصيداري جي مضبوط جذبي سان ڊي ايٽ خطي کي پنهنجي سمورن ماڻهن لاءِ واپار، ترقي ۽ موقعن جي هڪ متحرڪ مرڪز ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا.











