اسلام آباد-03 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شهادت ماڻيندڙ 3 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهيد اي ايس آءِ گل عالم، سپاهي رفيق ۽ سخي جان جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت
اسلام آباد-03 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شهادت ماڻيندڙ 3 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهيد اي ايس آءِ گل عالم، سپاهي رفيق ۽ سخي جان جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي، خيبر پختونخوا پوليس جي بهادر سپوتن جي قرباني کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو، ڪي پي ڪي پوليس جي قربانين کي قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا.











