وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ايس پي عديل اڪبر جي وارثن سان تعزيت

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس جي فوت ٿي ويل ايس پي عديل اڪبر جي وارثن سان تعزيت لاءِ سندس گهر ويو. ان موقعي تي اسلام آباد پوليس جو ڊي آءِ جي عتيق طاهر، ڊي آءِ جي جواد طارق ۽ ڊي آءِ جي هارون جوئيه به گهرو وزير سان گڏ هو. وفاقي گهرو وزير ايس پي عديل اڪبر جي والد،ڀاءُ ۽ …

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس جي فوت ٿي ويل ايس پي عديل اڪبر جي وارثن سان تعزيت لاءِ سندس گهر ويو. ان موقعي تي اسلام آباد پوليس جو ڊي آءِ جي عتيق طاهر، ڊي آءِ جي جواد طارق ۽ ڊي آءِ جي هارون جوئيه به گهرو وزير سان گڏ هو. وفاقي گهرو وزير ايس پي عديل اڪبر جي والد،ڀاءُ ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان تعزيت ڪئي. هن مرحوم لاءِ فاتحه خواني ۽ ڏوکويل خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي . گهرو وزير چيو ته ايس پي عديل اڪبر اسلام آباد پوليس جو قيمتي اثاثو هو جيڪو پنهنجي پيشيوراڻين ذميوارين کي نهايت محنت، ديانتداري ۽ چاهه سان نڀائي رهيو هو. فرض جي ادائيگي ۽ محنتي آفيسر جي اوچتو وفات سان دلي صدمو پهتو آهي . ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان توهان سان گڏ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پوليس فورس هڪ باصلاحيت ۽ بهادر آفسر کان محروم ٿي ويو آهي جنهن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي گهرو وزير مرحوم جي خاندان کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن سان هر ممڪن سهڪار ڪندي.