راولپنڊي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جيڪو بنگلاديش جي سرڪاري دؤري تي آهي. چيف ايڊوائيزر محمد يونس، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد نذمول حسن، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل حسن محمود خان ۽ آرمڊ فورسز ڊويزن جي پرنسپل اسٽاف آفيسر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم ڪامرول حسن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن دوران …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو بنگلاديش جو سرڪاري دؤرو، دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور
راولپنڊي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جيڪو بنگلاديش جي سرڪاري دؤري تي آهي. چيف ايڊوائيزر محمد يونس، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد نذمول حسن، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل حسن محمود خان ۽ آرمڊ فورسز ڊويزن جي پرنسپل اسٽاف آفيسر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم ڪامرول حسن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت بدليل علائقائي عالمي سلامتي جي ماحول ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي پُراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي قدرداني ڪندي ان رابطن کي گڏيل احترام، مساوات ۽ اعتماد جي بنياد تي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي طرفان دفاعي ۽ عسڪري سطح تي تعاون وڌائڻ، گڏيل تربيتي ۽ پيشيوراڻي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا سلهٽ ۾ اسڪول آف انفنٽري اينڊ ٽيلٽڪس جو به دؤرو ڪيو جتي هن فيڪلٽي ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي. بنگلاديش جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي هٿياربند فوج جي اعليٰ پيشيوراڻي معيار ۽ـ دهشتگرديءَ خلاف قربانين کي ساراهيو. دؤري جي شروعات تي سنا ڪونجو پهچڻ تي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هن ”شکا انيربان“ تي گُلن تي چادر پڻ چاڙهي.











