راولپنڊي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اردن جي سرڪاري دؤري دوران اردن جي شاهه عبدالله 2 سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ولي عهد شهزاد حسين بن عبدالله به موجود هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، دفاعي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ …
آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اردن جي شاهه عبدالله 2 سان ملاقات، ٻه طرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ
راولپنڊي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اردن جي سرڪاري دؤري دوران اردن جي شاهه عبدالله 2 سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ولي عهد شهزاد حسين بن عبدالله به موجود هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، دفاعي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف پاڪستاني عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج طرفان شاهه عبدالله لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اردن سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.

شاهه عبدالله 2 پاڪستان جي آرمي جي پيشيوراڻين صلاحيتن، علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار کي ساراهيو. ٻه طرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي يڏڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل اردني هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف سان به ملاقات ڪئي، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي جنرل هيڊ ڪوارٽرز عمان پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ڌُرين پاڪستان ۽ اردن جي هٿياربند فوج وچ ۾ پُراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. ميجر جنرل يوسف احمد الحنيتي علائقائي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي خراجِ تحسين پيش ڪيو.












