نام نهاد جمهوريت جو دعويدار ڀارت شرمناڪ قانونن سان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪشميري 7 ڏهاڪن کان هي ڪارو ڏينهن ڏسي رهيا آهن، ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪي آهي، ڪشمير ۾ هن وقت نسلي ڪشي ٿي رهي آهي. ڪشمير جي 78هين ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ هن وقت نسل ڪشيءَ تي اسرائيل ۽ ڀارت کي ڇوٽ مليل …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪشميري 7 ڏهاڪن کان هي ڪارو ڏينهن ڏسي رهيا آهن، ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪي آهي، ڪشمير ۾ هن وقت نسلي ڪشي ٿي رهي آهي. ڪشمير جي 78هين ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ هن وقت نسل ڪشيءَ تي اسرائيل ۽ ڀارت کي ڇوٽ مليل آهي. ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ نسل ڪشي رهيو آهي ۽ زمينن تي قبضا ڪري رهيو آهي. نام نهاد جمهوريت جو دعويدار ڀارت شرمناڪ قانونن سان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت هاڻ ڪشمير تي فائنل قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ايترن ظلمن ۽ دهشت باوجود ڪشميري بهادريءَ سان خوداراديت واري حق جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. اسان آزاد ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا کي رسائي ڏيون ٿا، جڏهن ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ويزا نٿو ڏي. هن چيو ته خوداراديت وارو حق بنيادي حق آهي ان کي ڦريو پيو وڃي ۽ هاڻ ڀارت پاڻيءَ کي به هٿيار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 5 لک ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي چڪا آهن، 11 هزار کان وڌيڪ عورتن جي لڄالٽ ڪئي وئي آهي، 12 هزارن کان وڌيڪ ٻارن جون اکيون تباهه ڪيون ويون، هي اڄ جي شائننگ انڊيا جي حقيقت آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان چهري کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان سڀ نه اُٿيا ته ڪشمير ۾ دنيا جي وڏي نسل ڪشيءَ جو خدشو آهي.