ساهيوال- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام تي ڀارتي جارحيت جي شروعات هئي. هن چيو ته ڪشميري عوام ظلم ۽ سختين باوجود پنهنجي خوداراديت واري حق تي ثابت قدم آهن. وفاقي وزير چيو ته جتي انساني وقار ۽ انصاف …
ڪشميري عوام ظلم ۽ سختين باوجود پنهنجي خوداراديت واري حق تي ثابت قدم آهن: وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه
ساهيوال- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام تي ڀارتي جارحيت جي شروعات هئي. هن چيو ته ڪشميري عوام ظلم ۽ سختين باوجود پنهنجي خوداراديت واري حق تي ثابت قدم آهن. وفاقي وزير چيو ته جتي انساني وقار ۽ انصاف پامال ٿين، اتي خوشحالي ممڪن ناهي ۽ سماجي انصاف تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن هر قوم کي خودمختاري حاصل هجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي عزم، قربانين ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن مطابق پاڪستان ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو. ڪشميري عوام جي سياسي ۽ انساني حقن لاءِ عملي قدم ضروري آهن. هن چيو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خاموشي ٽوڙي ته جئين انهن کي خوداراديت وارو حق ڏياري سگهجي.











