اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مسلسل خشڪ موسم ۽ فضائي گدلاڻ سبب اوڀر پنجاب جا علائقا ڪوهيڙي جي اثر هيٺ رهڻ جو امڪان آهي. شهرين کي احتياطي تدابيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل 24 دوران ملڪ جي اڪثر …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق مسلسل خشڪ موسم ۽ فضائي گدلاڻ سبب اوڀر پنجاب جا علائقا ڪوهيڙي جي اثر هيٺ رهڻ جو امڪان آهي. شهرين کي احتياطي تدابيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل 24 دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب جي اوڀر وارن علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد لسٻيلو، تربت ۾ 39، اور ماڙه ۽ پسني ۾ 37 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











