اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي 78 سالا غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي ورجاءُ لاءِ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي 7 ڏهاڪن …
پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزم جي ورجاءُ لاءِ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي 78 سالا غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي ورجاءُ لاءِ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ٿيندڙ سنگين ناانصافين جي ياد ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنل خودمختياري جي حق جي قانوني جدوجهد سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پوري ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ سيمينارز، ويبنارز، پينل ڊسڪشن ۽ تصويري نمائشن سميت مختلف قسم جون تقريبون منعقد ڪيون ويون. انهن سرگرمين ۾ معصوم ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي دنيا جو ڌيان ڀارتي قابض فوج پاران ڪيل ظلمن ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرايو ويو. ان موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغامن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اهي ڀارت تي ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ ڪشميري آبادي جي خلاف سمورا جابراڻا قدم بند ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جي نالي خط موڪليا، جن ۾ انهن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير زور ڏئي چيو ته ڀارت گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي. هن خبردار ڪيو ته ڀارت جي انهن ذميوارين جي تسلسل کان انڪار ۽ ان جي قيادت جي پرتشدد ۽ غيرذميواراڻي بيانن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌايو پيو وڃي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزارت مان ڪشمير بابت هڪ خصوصي يڪجهتي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ وزارت جي آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ سفارتي برادري جي ميمبرن جي لاءِ هڪ خصوص بريفنگ جو پڻ اهتمام ڪيو. سفارتڪارن جي لاءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي عڪاسي ڪندڙ هڪ مختصر دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهائڻ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني حملي جي هڪ تلخ ياد ڏياري ٿو. اهو انهن ڪشميري عوام جي عزم ۽ استقلال کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن به آهي جيڪي ڏهاڪن جي ڏاڍ وارين پاليسين جي باوجود خودمختياري جي حق جي پنهنجي جدوجهد ۾ ثابت قدم آهن.











