وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترقي بابت يورپي پارليامينٽ جي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترقي بابت يورپي پارليامينٽ جي ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت لوڪاس منڊل (آسٽريا) ڪئي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ رابرٽ بيڊرو (پولينڊ)، جوآن فرنينڊ ولوپيز ايگيولر (اسپين)، ٽومانس زيڊيچوسڪي (چيڪيه) ۽ مارڪ جونگن، ڪرسچن ايڊوائزر، جينيٽا ڪجڪووا ۽ ٽريسا پائولاڊي فيگيريڊو شامل هئي. وفاقي وزير وفد سان جامع ڳالهيون ڪيون ۽ کين …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترقي بابت يورپي پارليامينٽ جي ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت لوڪاس منڊل (آسٽريا) ڪئي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ رابرٽ بيڊرو (پولينڊ)، جوآن فرنينڊ ولوپيز ايگيولر (اسپين)، ٽومانس زيڊيچوسڪي (چيڪيه) ۽ مارڪ جونگن، ڪرسچن ايڊوائزر، جينيٽا ڪجڪووا ۽ ٽريسا پائولاڊي فيگيريڊو شامل هئي. وفاقي وزير وفد سان جامع ڳالهيون ڪيون ۽ کين واپار واري وزارت اسلام آباد جو دؤرو پڻ ڪرايو. پاڪستان ۾ يورپي يونين جو سفير ريمنڊاس ڪروبلس به وفد سان گڏ هو. ملاقات ۾ يورپي يونين- پاڪستان ناتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم تي زور ڀريو ويو، خاص طور تي جنرلائيزڊ اسڪيم آف پريفرنسز پلس (جي ايس پي پلس) فريم ورڪ تحت جن ۾ پاڪستان ۾ جٽادار واپار، ترقياتي سهڪار ۽ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفد جي آجيان ڪندي ڄام ڪمال خان دؤرو ڪندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پُراڻي ڀائيواري تي شڪريو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جامع اقتصادي ترقي، گڊ گورننس ۽ جٽادار ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ يورپي يونين سان پنهنجي سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن وفد کي جي ايس پي پلس مانيٽرنگ فريم ورڪ تحت پاڪستان جي هاڻوڪين ڪاميابين بابت آگاهه ڪيو، جن ۾ انساني حقن، ليبر ريفارمز، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ اداره جاتي مضبوطيءَ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي تي روشني وڌي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته 28-2026ع جي مُدي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل لاءِ چونڊيو ويو آهي جيڪي ڳالهين ۽ گهڻ رُخي انساني حقن جي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۾ ان جي تعميري ڪردار تي عالمي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. ڄام ڪمال  وفد کي ٻُ+ايو ته پاڪستان شادي جي قانوني عمر کي هم آهنگ ڪيو آهي ۽ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025ع جهڙا تاريخي قانون منظور ڪيا آهن. ٻين اهم قانونساز قدمن ۾ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ لاءِ ڪميشن جو قيام، اقليتن لاءِ قومي ڪميشن ۽ بين المذاهب هم آهنگي شامل آهن. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪوششون جاري رکندو پيو اچي. هن هاءِ ٽيڪسيشن، توانائيءَ جي لاڳت ۽ وياج جي شرح بابت چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان جو معاشي مستقبل صنعتي توسيع، هنرمنديءَ جي ترقي ۽ انساني وسيلن کي بااختيار بڻائڻ ۾ روشن آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي 250 ملين آباديءَ مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ عمر 30 سالن کان گهٽ آهي. وفاقي وزير يورپي يونين جي سيڙپڪاريءَ لاءِ اميد ڏياريندڙ شعبن تي پڻ روشني وڌي جن ۾ زراعت، فوڊ پروسيسنگ، ٻجن جي ترقي، ويليو ايڊڊ روانگي واپار، مينيوفيڪچرنگ، ايس ايم ايز ۽ اِي ڪامرس جا شعبا شامل آهن. وفاقي وزير يورپي يونين تي زور ڀريو ته هو هڪ منصفاڻي ۽ غير جانبدار فيصلي کي يقيني بڻائي جيڪو پاڪستان جي ورثي کي تسليم ڪري ۽ عالمي سطح تي مشهور چانورن جي قسمن جي دعويٰ کي تسليم ڪري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻئي مسئلا پاڪستان جي ٻهراڙي معيشت ۽ لکين آبادگارن جي روزگار لاءِ اهم آهن، خاص طور تي هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ جنهن زرعي شعبي کي متاثر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان يورپي جي فني مدد ۽ سگهه ۾ واڌ جا منتظر آهيون ته جيئن ان جي صلاحيت کي مضبوط ڪري سگهجي. يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن پاڪستان جي تعميري مصروفيتن، ڳالهين ۾ کُليل دل، سڌارن انساني سرمائي جي ترقيءَ تي حڪومت جي توجهه کي ساراهيو. هن پاڪستان جي صلاحيت کي تسليم ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڳالهيون، شفافيت ۽ ڀائيواري ۾ يورپي يونين پاڪستان جي اڳواڻي ڪندي رهندي. وفد امن، تعليم ۽ اقتصادي سهڪار سميت ڳڻتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد پاڪستان جي مهمان نوازيءَ جي تعريف ڪئي ۽ عالمي سطح تي جمهوري ۽ انساني حقن جي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پنهنجن مشاهدن جو اظهار ڪيو.