ڪشميري عوام هڪ ڏينهن آزاديءَ جي منزل ضرور ماڻيندو: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ”ڪشمير جي ڪاري ڏينهن“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي ياد ڏياري ٿو. پروفيسر اقبال چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خواهشن ۽ …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ”ڪشمير جي ڪاري ڏينهن“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي ياد ڏياري ٿو. پروفيسر اقبال چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ ڪشمير وادي تي زبردستي قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ڪشمير جي آزاديءَ جي جدوجهد هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشميري عوام جون لازوال قربانيون ڪڏهن به ضايع نه ٿينديون پر هڪ ڏينهن ضرور آزادي ماڻيندا. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام، مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ سندن جائز جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي.