ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندسين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 27 آڪٽوبر اسان کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلمن جي ياد ڏياري ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو. ڀارت جو غاصباڻو عمل ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق تي سڌو حملو …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 27 آڪٽوبر اسان کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلمن جي ياد ڏياري ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو. ڀارت جو غاصباڻو عمل ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق تي سڌو حملو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ان ڏينهن تي مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀيڻن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريان ٿو . اسان ڪشميرين جي لازوال قربانين ۽ـ ڏهاڪن کان جاري ان جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪشميري عوام ثابت ڪيو ته هو ڀارتي ڏاڍ قبول نه ڪندا، ڪشميري عوام جي ثابت قدمي ۽ انصاف لاءِ پُختو عزم اسان لاءِ مشعل راهه آهي. اسان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. گڏيل قومن کي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته عالمي برادري ان پُراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرائي. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو صرف ڪشميرين جو ناهي پر انسانيت ۽ عالمي انصاف جو مسئلو آهي. الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي جلد آزاديءَ جي نعمت سان نوازي.