اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي باري ۾ پاڪستان بلڪل واضح، پختو ۽ اصولي موقف رکي ٿو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير مسئلي جي پرامن حل کانسواءِ ننڍي کنڊ جو امن ۽ استحڪام صرف خواب ئي رهندو. هر سال 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ …
ڄمون ڪشمير مسئلي جي پرامن حل کانسواءِ ننڍي کنڊ جو امن ۽ استحڪام صرف خواب ئي رهندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي باري ۾ پاڪستان بلڪل واضح، پختو ۽ اصولي موقف رکي ٿو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير مسئلي جي پرامن حل کانسواءِ ننڍي کنڊ جو امن ۽ استحڪام صرف خواب ئي رهندو. هر سال 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن ياد ڏياري ٿو جڏهن 78 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج کي سرينگر موڪليو ۽ ان تي قبضو ڪري ورتو. مان ڪشميري عوام کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو هو پنهنجي هن جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن پر 24 ڪروڙ پرعزم پاڪستاني عوام ساڻن گڏ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها ڳالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي 27 آڪٽوبر 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، هن چيو ته هي انساني تاريخ جو اهو افسوسناڪ باب آهي جيڪو اڄ به جاري آهي، ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ موجود ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي مسلسل پامال ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين 8 ڏهاڪن کان بي پناهه تڪليفن ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو آهي، هن چيو ته خوف ۽ ناانصافي جي پاڇي ۾ به ڪشميرين جي بهادري، جرئتمندي ۽ ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اچڻ واري آزادي جي تڙپ کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا، بيشڪ ڪشميرين جو انصاف ۽ خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ عزم پختو ۽ دائمي آهي. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفين ڪارروائين ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي جنهن جو مقصد مقامي آبادي جي تناسب ۽ سياسي صورتحال کي تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته انساني حقن جي پامالي علاوه ڀارت اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ آزاداڻي چرپر تي به پابندي لڳائي رکي آهي، خوفناڪ قانونن کي لاڳو ڪندي ڀارت منظم انداز ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ اشتعال انگيزي جي نظام کي قائم ڪري رکيو آهي ته جئين ڪشميري عوام جي جائز سياسي آوازن ۽ خواهشن کي دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير جي نمايان سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ميڊيا جي نمائندن جون غيرقانوني ۽ بنا جواز گرفتاريون ڀارت جي پر تشدد ايجنڊا جو مثال آهن، ڪوڙن الزامن تي اڳواڻن کي مسلسل قيد رکڻ عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه اهڙي طرح جي غيرقانوني قدمن جي مذمت ڪئي آهي. جيڪي عالمي قانونن جي ابتڙ ۽ گڏيل قومن جي بيشمار قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندا هجن، هن چيو ته پاڪستان والاريل ڄمون ڪشمير جي باري ۾ تمام واضح، پختو ۽ اصولي موقف رکي ٿو. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير مسئلي جي پرامن حل کانسواءِ ننڍي کنڊ جو دائمي امن ۽ استحڪام صرف خواب ئي رهندو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم طور مون هميشه ڪشميرين جي خراب حالت ۽ ڀارت جي قبضي کان آزادي لاءِ انهن جو آواز عالمي برادري آڏو رکيو آهي مان ڪشميري عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو هو پنهنجي جدوجهد اڪيلا ناهن پر 24 ڪروڙ پرعزم پاڪستاني عوام ساڻن گڏ آهي. هن چيو ته اسان والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان پختي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ پنهنجي هن عزم کي ورجايون ٿا ته ڪشميري عوام سان جڙيل رهنداسين جيستائين کين انصاف تي ٻڌل ۽ عالمي برادري جي حمايت يافته خوداراديت وارو حق نٿو ملي وڃي ۽ انشاالله اهو ڏينهن گهڻو پري ناهي.











