وزيراعظم پاران فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

لاهور-26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ ڪرم ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 25 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم ان آپريشنز دوران دهشتگردن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز …

لاهور-26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ ڪرم ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 25 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم ان آپريشنز دوران دهشتگردن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 5 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي ڪٽبن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.