وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ميان مرغوب احمد جي گهر واري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

لاهور- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان مرغوب احمد جي گهر واري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم ميان مرغوب احمد جي گهر وڃي هن سان ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر …

لاهور- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان مرغوب احمد جي گهر واري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم ميان مرغوب احمد جي گهر وڃي هن سان ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي.