اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم کي بي نقاب ڪرڻ جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضي جا ناپاڪ ڪوشش ڪئي، تاريخ ڀارت جي ان قدم کي هميشه ڪاري باب طور ياد رکندي. …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو يوم سياه ڪشمير جي حوالي سان پيغام
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم کي بي نقاب ڪرڻ جو ڏينهن آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضي جا ناپاڪ ڪوشش ڪئي، تاريخ ڀارت جي ان قدم کي هميشه ڪاري باب طور ياد رکندي. آچر ڏينهن يوم سياه ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز صادق چيو ته خوداراديت وارو حق ڪشميري عوام جو بنيادي حق آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام عظيم قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڀارت ڏاڍ ذريعي ان حق کي دٻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر ڪشميري عوام جي عزم ۽ استقامت کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. هن چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 135 اي جي غير قانوني منسوخي، ڪشميرين کي انهن جي منفرد سڃاڻپ ۽ زمين کان محروم ڪرڻ واضح ڪوشش هئي جيڪا عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، انهن قدمن کي ڪشميري عوام مڪمل طور تي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ هر سطح تي انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي شهيدن ۽ اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن جي قربانين کي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو، تقسيم هند جو اڻ پورو ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ان تڪرار جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ٿيڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته تازو ئي گڏيل قومن جي 80 هين سالگراهه ملهائي وئي آهي ۽ عالمي برادري گڏيل قومن جي امن ۽ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي اثرائتو ۽ مضبوط بنائڻ تي زور ڀري رهي آهي ته جئين فلسطين، غزه ۽ والاريل ڪشمير جهڙن پراڻن تڪرارن جو پر امن حل ممڪن ٿي سگهي. اسپيڪر چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ان عمل کي تيز ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد کي يقيني بنائي ته جيئن عالمي ۽ علائقائي امن کي ڊگهي بنيادن تي آڻي سگهجي. هن پنهنجي پيغام ۾ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالين جو فوري نوٽيس وٺي.











