اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد جي دل رنگن، ڌنن ۽ ثقافتي روايتن جي روشنين سان روشن ٿيڻ وارو آهي، لوڪ ورثا، شڪرپڙيان ۾ ساليانو لوڪ ميلو 7 کان 16 نومبر تائين منعقد ٿي رهيو آهي. جيڪو ملڪي ۽ پرڏيهي شوقينن کي پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو جشن ملهائڻ لاءِ ڀليڪار چوي ٿو. اسلام آباد جو اهو ساليانو لوڪ ميلو جيڪو 7 کان 16 نومبر تائين …
”روايتن جُون ڌُنُون“ جي عنوان سان ساليانو لوڪ ميلو 7 نومبر کان لوڪ ورثا اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو
اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد جي دل رنگن، ڌنن ۽ ثقافتي روايتن جي روشنين سان روشن ٿيڻ وارو آهي، لوڪ ورثا، شڪرپڙيان ۾ ساليانو لوڪ ميلو 7 کان 16 نومبر تائين منعقد ٿي رهيو آهي. جيڪو ملڪي ۽ پرڏيهي شوقينن کي پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو جشن ملهائڻ لاءِ ڀليڪار چوي ٿو. اسلام آباد جو اهو ساليانو لوڪ ميلو جيڪو 7 کان 16 نومبر تائين جاري رهندو، روايتي موسيقي، دستڪارين ۽ ثقافتي مظاهرن ذريعي عوام کي پاڪستان جي رنگارنگ ثقافت جو تجربو فراهم ڪندو. آچر ڏينهن مقامي ميڊيا ۽ ريڊيو پاڪستان مطابق اهو 10 ڏينهن وارو ميلو ملڪ جي ثقافتي ورثي جي ڀرپور نمائندگي ڪندو جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ايندڙ ڪاريگر، لوڪ فنڪار ۽ موسيقار پنهنجون صلاحيتون مڃرائيندا.











