اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي والي بال ٽيم بحرين ۾ جاري ٽئين ايشين يوٿ گيمز 2025ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي چين کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪسٽ ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. جاري بيان مطابق پاڪستان، چين کي 3-0 تان هارايو جنهن جو سيٽ اسڪورز 12-25، 13-25 ۽ 17-25 رهيو. نوجوان رانديگرن سٺي مهارت، اعتماد ۽ ٽيم ورڪ جو شاندار مظاهرو ڪيو. ميچ جي شروعات …
پاڪستاني والي بال ٽيم ايشين يوٿ گيمز جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي
اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي والي بال ٽيم بحرين ۾ جاري ٽئين ايشين يوٿ گيمز 2025ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي چين کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪسٽ ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. جاري بيان مطابق پاڪستان، چين کي 3-0 تان هارايو جنهن جو سيٽ اسڪورز 12-25، 13-25 ۽ 17-25 رهيو. نوجوان رانديگرن سٺي مهارت، اعتماد ۽ ٽيم ورڪ جو شاندار مظاهرو ڪيو. ميچ جي شروعات کان ئي پاڪستاني رانديگرن دفاع ۽ حڪمت عملي سان مخالف ٽيم تي دٻاءُ برقرار رکيو. نمايان رانديگرن ۾ خضر حيات، محمد يحيٰ، محمد انس ۽ اجميل جنيد شامل هئا، جن ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪاميابي سان ئي پاڪستان، ايشين يوٿ گيمز جي سيمي فائنل ۾ پنهنجي جاءِ يقيني بڻائيندي ڪاميابي جي امڪانن کي روشن ڪري ڇڏيو آهي.











