وزيراعظم پاران ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هن ڏکئي وقت ۾ بادشاهه مهاوجيرا لونگڪورن، شاهي خاندان ۽ ٿائي عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته ٿائي قوم جي هن قومي …

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هن ڏکئي وقت ۾ بادشاهه مهاوجيرا لونگڪورن، شاهي خاندان ۽ ٿائي عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته ٿائي قوم جي هن قومي ڏک ۾ اسان جون دعائون ۽ هدرديون انهن سان گڏ آهن.