اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي برطانيا جي فضائن ۾ واپسي جي آجيان ڪئي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ رابطن جي هڪ نئين سنگ ميل جي علامت آهي. ڇنڇر ڏينهن سماجي ۽ ميڊيا پليٽ فارمز تي پنهنجي پيغام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پي آءِ اي جي ان تاريخي موقعي کي ساراهيندي چيو …
برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ طرفان پي آءِ اي جي برطانيا جي فضائن ۾ واپسي جي آجيان
اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي برطانيا جي فضائن ۾ واپسي جي آجيان ڪئي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ رابطن جي هڪ نئين سنگ ميل جي علامت آهي. ڇنڇر ڏينهن سماجي ۽ ميڊيا پليٽ فارمز تي پنهنجي پيغام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پي آءِ اي جي ان تاريخي موقعي کي ساراهيندي چيو ته اڄ 25 آڪٽوبر تي پي آءِ اي مانچسٽر لاءِ پنهنجي افتتاحي اڏام جي شروعات ڪئي آهي. هن پي آءِ اي جي بحالي کي هڪ مثبت سنگ ميل قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي جن سبب قومي ايئر لائن جي واپسي ممڪن ٿي. هن چيو ته اهو نئون فضائي رابطو پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. جين ميريٽ چيو ته اسلام آباد کان مانچسٽر اڏام پاڪستان-برطانيا لاڳاپن جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته فضائي رابطي جي بحالي سان واپار ۽ سياحت کي هٿي ملندي ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري لاءِ سفر آسان ٿيندو. برطانوي اختيارين به پي آءِ اي جي قيادت جي تعريف ڪندي چيو ته قومي ايئرلائن ڊگهي انتظار کانپوءِ برطانوي فضائن ۾ اڏامن لاءِ مڪمل طور تيار آهي.











