ٿائيلينڊ جي اسٽائل آئيڪون ۽ اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت 93 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

بينڪاڪ- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جنهن کي فيشن آئيڪون ۽ ”قوم جي ماءُ“ طور سڃاتو ويندو هو، 93 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شاهي محل گذريل ڏينهن رات موجوده بادشاهه واجي رالونگڪورن جي والده ۽ ملڪ تي ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ڀوميبول ادولياديج جي گهرواري جي وفات واري خبر جي تصديق ڪئي. شاهي محل جي …

بينڪاڪ- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جنهن کي فيشن آئيڪون ۽ ”قوم جي ماءُ“ طور سڃاتو ويندو هو، 93 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شاهي محل گذريل ڏينهن رات موجوده بادشاهه واجي رالونگڪورن جي والده ۽ ملڪ تي ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ڀوميبول ادولياديج جي گهرواري جي وفات واري خبر جي تصديق ڪئي. شاهي محل جي بيان مطابق راڻي (ڪوئين) 2019ع کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي ۽ ڪيترين ئي بيمارين جي وَر چڙهيل هئي، راڻي (ڪوئين) ۾ هلندڙ مهيني رَتُ جي انفيڪشن جي سڃاڻپ ٿي هئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته راڻي (ڪوئين) جي حالت جمعي تائين بگڙجي وئي ۽ هو چولالونگڪورن اسپتال ۾ 93 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي. بادشاهه واجي رالوگڪورن، راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي شاهي خاندان لاءِ هڪ سال سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن صبح کان ئي ٿائي اينڪرز کي نشريات دروان ڪارو لباس پهريل ڏٺو ويو جيڪو سوڳ جي علامت آهي. ٿائي شاهي معاملن جي ماهر ۽ اڳوڻي سفارتڪار پاون چا چاوال پونگپن ٻڌايو ته راڻي (ڪوئين) جي وفات شاهي خاندان ۽ سڄي ملڪ لاءِ هڪ انتهائي اهم واقعو آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪافي مقبول هئي. واضح رهي ته راڻي (ڪوئين) سري ڪت ڪجهه سالن کان صحت جي مسئلن سبب عوامي زندگي کان پاسو ڪيو هو ۽ شاهي قانونن مطابق ان جي نجي زندگي کي رازداري ۾ رکيو ويو هو.