ڪراچي- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪوسٽ گارڊز (پي سي جي) هڪ هفتي دوران پنهنجي انٽيلي جنس ذريعن جي بنياد تي گوادر جي علائقي پليري ۾ ڪارروائي ڪندي سنگل ڪيبن گاڏي ۾ لڪايل 201 ڪلوگرام اعليٰ معيار جي چرس هٿ ڪري ورتي. جاري پڌرائي مطابق ٻي ڪارروائي ۾ پسني جي علائقي پراگ مان 42 ڪلوگرام آئس ۽ بدوڪ روڊ چيڪ پوسٽ مشڪوڪ گاڏي جي چيڪنگ ڪرڻ تي بيگ ۾ …
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جون ڪارروائيون، منشيات ۽ سون هٿ
ڪراچي- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪوسٽ گارڊز (پي سي جي) هڪ هفتي دوران پنهنجي انٽيلي جنس ذريعن جي بنياد تي گوادر جي علائقي پليري ۾ ڪارروائي ڪندي سنگل ڪيبن گاڏي ۾ لڪايل 201 ڪلوگرام اعليٰ معيار جي چرس هٿ ڪري ورتي. جاري پڌرائي مطابق ٻي ڪارروائي ۾ پسني جي علائقي پراگ مان 42 ڪلوگرام آئس ۽ بدوڪ روڊ چيڪ پوسٽ مشڪوڪ گاڏي جي چيڪنگ ڪرڻ تي بيگ ۾ لڪايل 1183.71 گرام سون هٿ ڪيو ويو. اهڙي طرح حب باءِ پاس روڊ چيڪ پوسٽ تي روٽين چيڪنگ دوران مسافر نس جي ڳجهن خانن ۾ لڪايل 250 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي، خدشو آهي ته اها منشيات ملڪ اندر ۽ پرڏيهه اسمگل ٿيڻي هئي. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پڪڙيل ڄاڻايل منشيات ۽ سون کي قبضي ۾ وٺي قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ منشيات جي ماليت 35.95 ملين ڊالر جڏهن ته سون جي ماليت اٽڪل 0.15 ملين ڊالر آهي.











