اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان محفوظ، جامع ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان گڏيل قومن جي رستن جي حفاظت جي لاءِ خصوصي نمائندي زان هنري ٽوڊ ملاقات ڪئي. صدر عالمي سطح تي رستن جي حفاظت جي فروغ ۾ زان هنري ٽوڊ …
پاڪستان محفوظ، جامع ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان محفوظ، جامع ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان گڏيل قومن جي رستن جي حفاظت جي لاءِ خصوصي نمائندي زان هنري ٽوڊ ملاقات ڪئي. صدر عالمي سطح تي رستن جي حفاظت جي فروغ ۾ زان هنري ٽوڊ جي ڪردار کي ساراهيو. صدر ريجنل ٽرانسپورٽ منسٽرز ڪانفرنس جي ميزباني کي خطي ۾ محفوظ ۽ ٺوس ٽرانسپورٽ جي لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان رستي حادثن جي ڪري فوتگين ۾ گهٽتائي جي لاءِ موثر ضابطه سازي، لاڳو ۽ عوامي آگاهي جي لاءِ پرعزم آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ ۾ رستن جي ڍانچي ۽ ٽريفڪ نظام جي بهتري جا قدم جاري آهن. صدر چيو ته پاڪستان محفوظ، جامع ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. زان هنري ٽوڊ صدر کي ٻڌايو ته هر سال سڄي دنيا ۾ اٽڪل 12 لک ماڻهو رستي حادثن ۾ فوت ٿي وڃن ٿا، رستن جي حفاظت جي لاءِ بهتر تعليم، قانون لاڳو ڪرڻ، معياري رستن ۽ محفوظ گاڏين جي ضرورت آهي. زان هنري ٽوڊ چيو ته رستي حادثن جي ڪري سڄي دنيا ۾ هر سال اربين ڊالر جو معاشي نقصان ٿئي ٿو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.











