اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي 23 – 24 آڪٽوبر 2025ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم جي علامت آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي لاڳاپيل خطن ۾ وڌيڪ پرامن، استحڪام …
پاڪستان ۽ پولينڊ جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي 23 – 24 آڪٽوبر 2025ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم جي علامت آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي لاڳاپيل خطن ۾ وڌيڪ پرامن، استحڪام ۽ معاشي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۽ پولينڊ جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو آهي. پڌرنامي موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل تاريخي ورثي جي پائيدار تعلق کي اجاگر ڪيو جيڪو پولينڊ جنگ جي پناهگيرن جي تجربن جي وقت کان جوڙيو آهي جن کي اڄ جي پاڪستان ۾ پناهه ملي ۽ پولش هٿياربند فوج جي آفيسرن جe خدمتن جن ٻي جنگ عظيم جي فوري پوءِ پاڪستان فضائيه جي جوڙجڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. ٻنهي ملڪن پنهنجي قومن ۾ بهتر مفاهمت جي لاءِ ان ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن نوجوان نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ سياسي ۽ سفارتي لاڳاپن جي قدر ۽ اهميت جو اعتراف ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي سياسي مڪالمي کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل فائدي جي قدمن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ معاشي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ڌرين سالياني بنياد تي ٻطرفي سياسي مشاورت منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن عالمي تنظيمن جي چونڊن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ تي تي پڻ زور ڏنو. پارلياماني رابطن جي ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي وزيرن پنهنجي پارليامينٽس جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ تعاون جي حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزيرن لاڳاپيل پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ سفارتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي مقصد سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي توثيق ڪئي. پولينڊ پاران يوڪرين جنگ بابت جڏهن ته پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت بريفنگ ڏني وئي. ٻنهي ڌرين عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي مڪمل پاسداري ۾ تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن ڏکڻ ايشيا، يورپ ۽ ان کان ٻاهر علائقائي سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪالمي ۽ تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ امن، استحڪام ۽ انسانيت دوست اصولن کي برقرار رکڻ ۾ عالمي يڪجهتي جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. وزيرن گهڻ رخي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پولينڊ – پاڪستان تعاون بشمول گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي عالمگير ۽ مستقل پابندي جي ذريعي ان ڏس ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هنن خاص طور تي ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل احترام جي اهميت تي زور ڏنو. وزير ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن جي صلاحيت مان مڪمل فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده ۽ نئين تڪرارن جي پرامن حل، تڪرارن جي روڪٿام سان گڏوگڏ محتاط سفارتڪاري ۽ ثالثي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي قيادت ڪئي وڃي. هنن ان سلسلي ۾ جولاءِ 2025ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پاڪستان جي صدارت دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2788 (2025ع) جي اختيار جي توثيق ڪئي. هنن يورپ ۽ گلوبل سائوٿ ۾ خوراڪ ۽ توانائي جي سلامتي تي هٿياربند تڪرارن جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن معاشي ۽ شعبه جاتي تعاون: واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي حمايت جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل فائدي جي نئين شعبن ۾ تعاون کي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيرن ORLEN/POGC جي پاڪستان برانچ جي پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان موجودگي جي اهميت کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ پاڪستاني صارفين جي لاءِ مقامي طور تي فراهم ڪيل گئس جي پيداوار، جديد ٽيڪنالاجي ۽ معلومات جي منتقلي شامل آهي. وزيرن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائدي واري سيڙپڪاري جي تعاون جي راهه هموار ڪري سگهي ٿي. وزيرن ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ متوازن ڪرڻ ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ بشمول هڪ ٻئي جي منڊين ۾ وسيع تر پهچ جي ذريعي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هنن بي ٽو بي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن، بشمول واپاري مشن ۽ نمائشن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت، جي حمايت جو اظهار ڪيو. وزيرن قدرتي وسيلن جي ڳولا، ڪڍڻ ۽ پروسيسنگ، گرين ٽيڪنالاجيز بشمول پاڻي ۽ گندي پاڻي جي انتظام، زراعت، خوراڪ جي پروسيسنگ ۽ آءِ ٽي، بشمول شهرين ۽ سرڪاري شعبي جي لاءِ ڊيجيٽل خدمتن سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي جيولوجيڪل سروسز جي وچ ۾ تعاون جهڙن شعبن ۾ معاشي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وڌندڙ اهميت کي تسليم ڪيو. هنن ٻطرفي تعاون جي منصوبن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي وچ ۾ رابطن جي حمايت جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي پيدا ڪيل اهم چئلينجن کي تسليم ڪندي ٻنهي وزيرن موسمياتي ڪارروائي جي قدمن ۾ تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو خاص طور تي ماحول دوست ٽيڪنيڪي حل جي فروغ جي ذريعي تعاون تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين سرڪاري شعبي جي طرز، سرڪاري مالياتي انتظام، بشمول قرضن جي انتظام، ٽيڪس سروسز جي خودڪاري ۽ ٽيڪس وصولي ۾ اضافي ۽ مالياتي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ۾ تجربن ۽ بهترين طريقن جي مٽاسٽا ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيرن پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي جي ايس پي پلس مڪينزم جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪو انساني حقن، مزدوري جي حقن، ماحولياتي تحفظ ۽ سٺي طرز حڪمراني تي اختياري طور تي اختيار ڪيل عالمي ڪنوينشنز جي لاڳو جي بنياد تي پائيدار ترقي ۽ گڊ گورننس جي حمايت ڪري ٿو. دفاعي ۽ سلامتي تعاون جي حوالي سان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ دفاعي صنعتن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ارادي تي زور ڏيندي ٻنهي ڌرين تجربن ۽ بهترين طريقن جي حصيداري بشمول دورن، ڪورسز ۽ تربيتي پروگرامن ۾ شرڪت جي ذريعي قدمن جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيرن دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي واضح مذمت ڪئي ۽ زور ڏنو ته ڪنهن به رياست کي انهن ماڻهن کي پناهه نه ڏيڻ گهرجي جيڪي دهشتگردي جي ڪاررواين جي مالي مدد، منصوبابندي، حمايت يا ارتڪاب ڪن ٿا. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ گڏيل قومن جي عالمي دهشتگردي مخالف حڪمت عملي جي مضبوط لاڳو جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معلومات ۽ بهترين طريقن جي حصيداري جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ تعاون جي حمايت جو اظهار ڪيو. وزيرن ڊس انفارميشن (غلط معلومات) کي عالمي سلامتي کي نشانو بڻائيندڙ هائبرڊ سرگرمين جو هڪ عنصر تسليم ڪيو. هنن لاڳاپيل ادارن ۽ ميديا جي وچ ۾ تعاون جي حمايت جو اظهار ڪيو ته جيئن معلومات ۽ بهترين طريقن جي حصيداري جي ذريعي ڊس انفارميشن جي شعبي ۾ خطرن بشمول مطالعاتي دورن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپس جي ذريعي قدمن جي نشاندهي ڪئي ته جيئن انهن عملن جو مقابلو ڪري سگهجي. ٻنهي ڌرين ڏوهن جي روڪٿام خاص طور تي ٽرانس نيشنل منظم ڏوهن، غيرقانوني لڏپلاڻ ۽ انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا ۽ هم آهنگي وڌائڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. هنن عالمي واعدن موجب بارڊر ڪنٽرولز کي مضبوط بڻائڻ، دي ايڊميشن، تعاون کي وڌائڻ ۽ محفوظ، منظم ۽ باقاعده ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي فروغ ڏيڻ جي شعبي ۾ مسلسل تعاون جي ضرورت جي تصديق ڪئي. EURA تحت پولينڊ سان پاڪستان جي تعاون تعيلم، سائنس، ثقافت، عوام سان عوام جي لاڳاپن کي ساراهيو ويو. پرڏيهي وزيرن پنهنجي معاشرن جي وچ ۾ پراڻي خاص طور تي عوام سان عوام جي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ثقافت، تعليم، سائنس، تحقيق ۽ صحت جي شعبن ۾ تعاون بشمول تعليمي مٽاسٽا ۽ اعليٰ ۽ مستنند تعليمي معيار وارين يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ تعاون جي ذريعي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي راضپي جو اظهار پڻ ڪيو. هنن پاليسي مڪالمي کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل افهام تفهيم کي وڌائڻ جي لاءِ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان ڏس ۾ وزيرن پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۽ اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي توثيق ڪئي. پولينڊ جي پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي عوام جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا ۽ هن پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي پولينڊ جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻو مڪالمو جاري رهندو.











