سڊني-24 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رياست جي نيو سائوٿ ويلز جي موسمياتي تبديلي، توانائي، ماحوليات ۽ ورثي واري وزير پيني شارپ ايم ايل سي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ تجديد …
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي رياست جي نيو سائوٿ ويلز جي موسمياتي تبديلي، توانائي، ماحوليات ۽ ورثي واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
سڊني-24 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رياست جي نيو سائوٿ ويلز جي موسمياتي تبديلي، توانائي، ماحوليات ۽ ورثي واري وزير پيني شارپ ايم ايل سي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن خاص ڪري شمسي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ توانائيءَ جي منتقلي جي گڏيل چئلينجز تي توجهه ڏني وئي. وفاقي وزير پائيدار ۽ گرين انرجي توانائيءَ جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڀريندي گڏيل مفادن تي ٻَڌل حصيدارين ۽ فني مٽاسٽا جي موقعن خاص ڪري قدرتي آفتن کان بچاءُ ۽ توانائيءَ جي مؤثر استعمال جي شعبن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تجديد جوڳي توانائي ۽ وسيلن جي بهتر انتظام ۾ تعاون سان نه صرف ماحولياتي تبديلي جي چئلينجز سان مُنهن ڏئي سگهجي ٿو پر اقتصادي ترقيءَ کي به ڏئي سگهجي ٿي. ڳالهين ۾ پاڪستان جي معدني وسيلن جي شعبي جي ترقي ۽ آسٽريلوي ننڍين توڙي وڏين ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري، فني مهارت ۽ سگهه ۾ واڌ جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اها ملاقات توانائي، ماحوليات ۽ پائيدار ترقيءَ جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي.










