اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو ۾ ڀارت جي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، انهن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ناقابل برداشت آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيد ايس پي آپريشن اسد زبير ۽ شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو …
صدر پاران هنگو ۾ ڀارت جي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو ۾ ڀارت جي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، انهن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ناقابل برداشت آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيد ايس پي آپريشن اسد زبير ۽ شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپاهين جي قربانين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوليس جي عزم ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪريان ٿو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.










