اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ترڪيه جي ميزباني ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٺوس ۽ تصديق جوڳو مانيٽرنگ مڪينزم قائم ٿيڻ جو منتظر آهي، علائقائي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 19 آڪٽوبر تي دوحه قطر ۾ طئي ٿيندڙ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ معاهدي جي آجيان ڪئي آهي، اسان ان سلسلي ۾ ڀائر ملڪ قطر ۽ ترڪيه جي تعميري …
پاڪستان 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ترڪيه جي ميزباني ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٺوس ۽ تصديق جوڳو مانيٽرنگ مڪينزم قائم ٿيڻ جو منتظر آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ترڪيه جي ميزباني ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٺوس ۽ تصديق جوڳو مانيٽرنگ مڪينزم قائم ٿيڻ جو منتظر آهي، علائقائي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 19 آڪٽوبر تي دوحه قطر ۾ طئي ٿيندڙ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ معاهدي جي آجيان ڪئي آهي، اسان ان سلسلي ۾ ڀائر ملڪ قطر ۽ ترڪيه جي تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو معاهدو دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت جي نمائندن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ ٿيو. ترجمان چيو ته دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، ڳالهه ٻولهه ۾ افغانستان مان پيدا ٿيندڙ پاڪستان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ فوري قدمن ۽ پاڪستان افغانستان سرحد تي امن ۽ استحڪام جي بحالي تي ڌيان ڏنو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ترڪيه جي ميزباني ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ هڪ ٺوس ۽ تصديق جوڳو مانيٽرنگ مڪينزم قائم ٿيڻ جو پڻ منتظر آهي ته جيئن افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستانين جي وڌيڪ جاني نقصان کي روڪي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پرعزم هڪ ذميوار رياست جي طور تي ڇڪتاڻ نٿو چاهي پر افغان طالبان عملدارن تي زور ڏي ٿو ته اهي عالمي برادري سان پنهنجي وابستگي جو احترام ڪن ۽ ايف اي ڪي/ ٽي ٽي پي ۽ ايف اي ايڇ/ بي ايل اي سميت دهشتگرد گروپن جي خلاف تصديق جوڳي ڪارروائي ڪري پاڪستان جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪن.










